SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Double Veto

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dʌbl
  • viːtou
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Double Veto

ڊبل ويٽو

ٻٽي نامنظوري

1945ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان آمريڪي شهر سئن- فرانسسڪو ۾ تنظيم جي پڌرنامي جي تياريءَ واري گڏجاڻي ( Charter Confernce ) ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن يعني آمريڪا، برطانيا، سوويت يونين، چين ۽ فرانس (هي ميمبر P-5 يعني Permanent 5 جي نالي سان به سڃاتا ويندا آهن) مان هر هڪ کي، اهو حق حاصل هوندو ته جڏهن ڪو به مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ اچي ته P-5 اُن مسئلي تي بحث ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت راءِ ڏي . جيئن ته بحث جي منظوريءَ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 9 ميمبرن جي هاڪار درڪار هوندي آهي ، تنهنڪري وٽانئن بحث جي منظوري ملڻ کانپوءِ جڏهن اُهو مسئلو بحث هيٺ اچي ۽ ان جو ڪو حل نڪري ته سلامتي ڪائونسل ۾ ان مسئلي جي حل کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ جو ووٽ وٺڻ لاءِ پابند رهندي . پر سلامتي ڪائونسل پاران ڪيل فيصلي تي ڪي وزندار اختلاف نظر اچن ٿا ته نظرثانيءَ لاءِ P-5 انهيءَ مسئلي تي ٻيهر ووٽ ڪندا. سلامتي ڪائونسل جي ڪنهن به رُڪن مُلڪ طرفان مسئلي تي بحث دوران ڪيل ”نامنظوريءَ“ کان پوءِ مسئلي جي حل تي عمل دوران پڻ ظاهر ڪيل ”نامنظوري“واري عمل کي ”ٻٽي نامنظوري“ يعني Double Veto چيو ويندو آهي . بين الاقوامي تعلقات ۾ عام طرح سان ٻٽي نامنظوريءَ جو استعمال گهٽ ٿيو آهي ، ڇاڪاڻ ته سلامتي ڪائونسل ۾ عام طور اُهي ئي مسئلا پيش ڪيا ويندا آهن، جن جي عالمي سطح تي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. انهيءَ اهميت جي نزاڪت ۽ اهميت جو اندازو لڳائيندي، ميمبر طاقتون ڪنهن به معاملي کي بار بار ”رد ڪرڻ“ يا منظور نه ڪرڻ جي حق/ عمل کي دُهرائڻ کان احتياط ڪنديون آهن


Remember Me Also:

رضامند

ذ. صفت. [ع. رضا + ف. مند = وارو] راضي ، خوش. اقراري ، آماده.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal